سيد نظر حسين شاه نقوي

سيد نظر حسين شاه نقوي: سيد نظر حسين ولد هادي بخش شاهه نقوي، هنڱورجه جي سيد غلام شاه غازي درگاهه جو چشم چراغ هو. سندس ڏاڏو سيد غلام شاه غازي، صوفي شاعر، اصل ‘هٽڙي’، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻِ جو ويٺل هو. اڄ به اها ‘هٽڙي غلام شاهه’ جي نالي سان مشهور آهي. هزهائينس مير علي مراد خان ٽالپر، سيد غلام شاهه کي لڏائي هنڱورجا ۾ رهايو. هي سيد خاندان، شاعري ۽ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي حوالي سان مشهور رهيو آهي. سيد نظر حسين شاهه 1922ع ڌاري ڄائو. سندس والد برصغير جي ناليواري گويي، شام چوراسي گھراڻي جي استاد عاشق علي خان جو شاگرد هو. سيد نظر حسين پروفيشنل ڳائڪ ڪونه هو. 1983ع ۾سندن وڏي پٽ سيد غلام اصغر شاهه جي اسرار تي لاهور ويا ۽ استاد عاشق علي خان جي خاڪ تي حاضري ڏني ته اتان جي ماڻهن کيس زور ڀريو ته اوهان اسان کي ڪي اسم ٻڌايو ته جيئن اوهان جي خانداني انگ مان اسان به محظوظ ٿي سگھون. هن لاهور ۾ الحمرا هال ۾ ڪجهه ڪلاسيڪل ۽ سنڌي ڪافيون ٻڌايون، جيڪي محفوظ ٿي سگھيون آهن، تن جو تفصيل هن طرح آهي: شاهه لطيف جو ڪلام: ساجن آ تو ساڻ، ووڙين ڇو وڻڪار ۾ قادر بخش بيدل جو ڪلام: عشق دا اعلى شان، مشڪل سگھدي سمجهه سياڻي ڪلاسيڪل اسم: راڳ درٻاري، آساوري ٺاٺ مان ڪلاسيڪل اسم: راڳ بهاڳ، بلال ٺاٺ مان ٻڍل فقير جو ڪلام: ڏاڍو عشق عجب رنگ لايو تو غلام شاه غازيءَ جو ڪلام: واه واه تماشا دم دم دا غلام شاه غازيءَ جو ڪلام: پڇ عشق دي خبر امام ڪنون پيشي جي لحاظ کان نظر حسين شاهه درس و تدريس سان وابسته رهندي پرائمري اسڪول هنڱورجا ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن 1997ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو